جسمان اوڏڻ

جسمان اوڏڻ: هيءُ هڪ لوڪ ڪهاڻيءَ جو ڪردار آهي، جنهن ۾ ڪيتريون اڻ ٿيڻيون ۽ عقل کان بعيد ڳالهيون آهن، پر جيئن ته اها ڏند ڪٿائي ڪهاڻي سنڌ ۾ عام مروج رهي آهي ان ڪري هتي ڏجي ٿي.
جسمان اوڏڻ، راجا رتنپال جي پياري راڻيءَ جو نالو هو. هڪ ڏينهن راجا رتنپال جي محل ڀرسان بازيگرن جي تماشي ۾ هڪ سندر ناچڻي سندس ڳل کي هٿ لاتو. محل ۾ بيٺل راڻي جسمان اهو منظر ڏسي تمام گهڻو ڪاوڙجي پيئي. راڻيءَ ڪروڌ مان شهر ۾ سموريون روشنيون وسائڻ جو حڪم ڏنو. راجا راڻيءَ وٽ ويو ته راجا کائنس پڇيو تون مون سان ڇو نه ٿي ڳالهائين؟ راڻيءَ جواب ڏنو تو مون کي ڪوٽ ۾ بند ڪري رکيو آهي، اڄ آئون پنهنجو پاڻ کي ختم ڪري ڇڏينديس، راجا رتنپال راڻيءَ کي چيو تون جيئن چوندينءَ تيئن ڪندس، پر تون مرڻ جي ڳالهه نه ڪر. راڻيءَ چيو راجا مون کي وچن ڏي، راجا وچن ڏنو، ان کان پوءِ هو سندس چوڻ تي پنهنجو سامان ماڻڪيي گڏهه تي رکرائي، اوڏن جو سردار سڏائي وڃي. جيت نگر پهتو. جيت نگر جي راجا کي جسم تي ڪوڙهه هو. هن ڪوڙهه جو تمام گهڻو علاج ڪرايو هو، پر ان مرض مان کيس ڇوٽڪارو نه مليو. ڪنهن فقير، راجا کي چيو هو ته جيڪڏهن تون پنهنجي جسم جي وزن برابر ڌن توري ڌرم جي نالي تي ڪنهن تلاءَ ۾ اڇلائين ته تنهنجو جسم ڪنچن (سونو) ٿي ويندو، راجا پنهنجي وزير پليئي برهمڻ کي گهرائي، تلاءَ کوٽائڻ جو حڪم ڏنو. پليو برهمڻ تلاءَ کوٽائڻ لاءِ ماڻهن کي ڳولڻ نڪتو. کيس اوڏن جو خيمو نظر آيو، جنهن ۾ راجا رتنپال ۽ جسمان راڻي موجود هئا. پليئي برهمڻ جي نظر جيئن جسمان راڻيءَ تي پيئي ته سندس حسن ڏسي بيهوش ٿي ويو. بيلدار جسمان راڻيءَ کي چوڻ لڳا ته ”هي راجا جو ماڻهو آهي، ان تي رحم ڪر، اهڙو ڪجهه ڪر جو هيءُ هوش ۾ اچي وڃي.“ تڏهن جسمان راڻيءَ پنهنجي اک جو ٿورو پاڻي پليئي برهمڻ جي منهن تي هنيو. پليئي برهمڻ کي هوش اچي ويو. راڻيءَ کيس پنهنجي ڌرم جو ڀاءُ چوندي سڏ ڪيو. جسمان راڻي کيس پنهنجي مُنڊي لاهي ڏني ۽ پيرن جا ڪڙا لاهي ڏيندي چيو ”هي منهنجي ڀاڀيءَ کي ڏجان، اڄ کان تون منهنجو ڌرم جو ڀاءُ آهين.“ پليئي برهمڻ به چيو ”هائو آئون تنهنجو ڀاءُ تون منهنجي ڀيڻ آهين.“ پلئي برهمڻ جيت نگر جي راجا کي وڃي خبر ڏني ته اوڏ اچي ويا آهن. اوڏن اڃا اڌ تلاءُ کوٽيو هو ته راجا جو سمورو ڪوڙهه دور ٿي ويو. هن جو جسم سون وانگر چمڪڻ لڳو. پليئو برهمڻ راجا سان هر روز جسمان جي سندرتا جي ڳالهه ڪندو هو، ليڪن راجا کيس ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو هو. هڪ ڏينهن راجا کيس پنهنجي 70 راڻين کي ڏسڻ جي ڪوٺ ڏني، جنهن موٽي اچي چيو ته راجا آئون توهان جي 70 راڻين کي ڏسي آيو آهيان، توهان ته ڀُل ۾ آهيو. جسمان راڻي ايتري ته خوبصورت آهي، جو توهان جون 70 راڻيون ان جي اک جي پلڪ جي برابري نٿيون ڪري سگهن.راجا سوچ ۾ پئجي ويو ۽ سندس من ۾ اهڙي سندر اوڏڻيءَ کي ڏسڻ جي خواهش جاڳي. پليو راجا کي گڏ وٺي تلاءَ تي ويو، جتي جسمان ڪم ڪري رهي هئي. راجا کيس ڏٺو ته موهت ٿي پيو. پليئي راجا جسمان راڻيءَ سان ڳالهائڻ ٿي گهريو، پر جسمان هن سان نٿي ڳالهايو. هڪ ڏينهن راجا جسمان کي ڪاوڙ مان چيو تو کي ايترو گهمنڊ آهي، پـنـهنجي مڙس سان ته اسـان کي ملاءِ، جسمان پنهنجي مڙس بابت هن ريت ٻڌائڻ شروع ڪيو.”منهنجي ور جو نالو رتنپال آهي، هو سنواريو سردار آهي، ٻيا ته آس پاس جي مٽي کوٽين ٿا، منهنجو ور ته پاتار جي مٽي کوٽي ٿو، ٻيا ته صرف مڻ مٽيءَ جو کوٽين ٿا، منهنجو مڙس ته چار مڻ مٽي کوٽي ٿو.“
راجا جسمان کي چيو ته تنهنجو مڙس ته ڪاري شڪاريءَ وانگر آهي ۽ تون مٿس ناز ٿي ڪرين. جسمان راجا کي سمجهايو ته الله تعالى دنيا ۾ ٻن رنگن جا انسان ٺاهيا آهن. انسان ۾ گڻ هئڻ گهرجن، ڪاري رنگ ۾ ته ڪيئي گڻ آهن. جهان ۾ ڪارا ڪارا بادل وسي سڀني کي خوش ڪن ٿا، دنيا ۾ ڪارا هاٿي فوجن جو سينگار ٿين ٿا، ڪارين مينهن جو کير سموري دنيا پيئي ٿي، ڪاري کٿوريءَ جي خوشبو ماحول کي گلزار بڻائي ٿي ڇڏي، ڪاري ڏاڙهي مردن لاءِ سينگار هوندي آهي. انهن سڀني، ڪارين شين کي جيڪڏهن دنيا مان ڪڍي سگهين ٿو ته آئون به رتنپال کي ڇڏي ڏينديس.
راجا جسمان کي چيو، آئون انهن ڪارين شين کي دنيا مان ختم ڪرائي ڇڏيندس. تون به ڪاري رتنپال کي ڇڏي ڏجان. راڻيءَ کيس پڪ ڏني. راجا ۽ پليئي برهمڻ جون ڪاريون ڏاڙهيون هيون، ٻنهي هڪ ئي جهٽڪي سان ڇڪي راڻيءَ سامهون رکيون. راجا راڻيءَ کي چيو ته دنيا ۾ اڄ کانپوءِ ڪو به مرد ڪاري ڏاڙهي نه رکندو، جيتريون ڪاريون مينهيون آهن، سڀئي مارائي ڇڏيندس، ڪارن هاٿين کي مارائي ڇڏيندس، بس رڳو هڪڙن ڪارن ڪڪرن کي آئون ڪجهه نٿو ڪري سگهان. جسمان راجا کي جواب ڏنو جهڙيءَ طرح تون ڪارن ڪڪرن کي ڪڍي نٿو سگهين، اهڙي ريت آئون به راجا رتنپال کي ڇڏي نٿي سگهان، هو منهنجو ڌڻي (ور) آهي.
پليئي ۽ راجا ٻنهي جون ڏاڙهيون خواه مخواه ختم ٿي ويون، ٻنهي جو منهن لهي ويو. اهو نظارو سمورا بيلدار ۽ راجا رتنپال ڏسي رهيا هئا. جسمان راڻي به سمجهي ويئي ته راجا جي من ۾ کوٽ آهي. سڀني طئه ڪيو ته اسان کي اجائي جنگ جهيڙي ۾ ناهي پوڻو، تلاءَ جي کوٽائيءَ جو ڪم ختم ٿيڻ تي آهي، ڏينهن جو تلاءَ جي کوٽائي ڪنداسين ۽ رات جو سُرنگهه تيار ڪنداسين، جيئن سُرنگهه مان نڪري وڃون ۽ راجا کي پتو به نه پوي.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ تلاءَ جي کوٽائيءَ جو ڪم پورو ٿي ويو. تڏهن راجا وري جسمان وٽ آيو ۽ ان کي عرض ڪرڻ لڳو ته تون منهنجي دعوت قبول ڪر. جسمان راڻيءَ راجا کي چيو آئون تنهنجي دعوت قبول ڪنديس پر توکي به منهنجو هڪڙو شرط قبول ڪرڻو پوندو. راجا چيو ته تون جيڪو شرط رکندينءَ مون کي منظور آهي. جسمان راڻيءَ، راجا کي چيو، نوکنڊي محل ۾ دعوت قبول ڪنديس، ان نوکنڊي محل ۾ باغ هئڻ گهرجي، ان ۾ شيشو، پلنگ ۽ طوطو مينا هئڻ گهرجن ۽ کاڌي ۾ تترن جو گوشت هئڻ گهرجي، شام جو ستين وڳي آئون ان محل ۾ اينديس، صرف اڌ ڪلاڪ کانپوءِ هلي وينديس.
راجـا جـسمان جي شرط پوري ڪرڻ لاءِ نوکنڊو محل تيار ڪرائي، ان ۾ باغ تيار ڪرايو، شيشو لڳرايو، طوطي مينا ۽ پلنگ سميت سموريون سٺيون شيون رکرايون. راجا پليئي برهمڻ سان گڏجي تترن جي شڪار لاءِ ويو، کيس سڄو ڏينهن تترن ڳولڻ ۾ گذري ويو، ليڪن تتر نه مليا، رات تائين راجا تتر ڳوليندو رهيو. هوڏانهن جسمان راڻي پنهنجي وعدي مطابق ستين وڳي محل ۾ آئي، ڏٺائين ته محل ۾ پلنگ به آهي، شيشو به لڳل آهي، طوطو مينا به ويٺل آهن، پر اتي راجا نه هو، نه ڪوئي راجا جو نوڪر. جسمان اتي اڌ ڪلاڪ ويهڻ جو وعدو ڪيو هو، هوءَ پلنگ تي ويهي راجا جو انتظار ڪرڻ لڳي. انتظار ڪندي ڪندي 15 منٽ گذري ويا، تڏهن جسمان اتي ويٺل طوطي کي چيو:
اي نيري ڪنٺ وارا طوطا آئون تو کي ڌرم جو ڀاءَ بڻايان ٿي. منهنجو هڪڙو ڪم ڪجان. جڏهن راجا هتي اچي ته منهنجي ساک ڀرجان ته آئون هتي آئي هئس ۽ اڌ ڪلاڪ ويٺي هئس.“ طوطو ڏاڍو چالاڪ هو، جسمان راڻي جڏهن پلنگ تي ويٺي هئي تڏهن هو وڏي ڌيان سان راڻيءَ کي ڏسي رهيو هو. جسمان جي ڪانچوڙي جو رنگ سائو هو، طوطو سوچي رهيو هو ته راڻيءَ جي ڪانچوڻي جو رنگ ڪيترو نه سندر آهي، ڪاش منهنجو به رنگ اهڙو هجي ها. طوطي راڻيءَ کي چيو: تو مون کي پنهنجو ڀاءُ چيو آهي، پر ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي ساک نه ڏيندو آهي. جيڪڏهن تون مون کي پنهنجو ڏير چوين ته آئون تنهنجي ساک ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. تنهن تي راڻيءَ هائوڪار ڪئي .طوطي راڻيءَ کي چيو ته منهنجي من جي ڳالهه پوري ڪندينءَ؟ راڻيءَ وري به هائوڪار ڪئي. طوطو چوڻ لڳو راڻي تنهنجي ڪانچوڙي جو رنگ مون کي تمام سٺو لڳي ٿو پنهنجي ڇاتيءَ تي ٿوري دير لاءِ مون کي ليٽڻ ڏين ته آئون راجا کي تنهنجي اچڻ جي شاهدي ڏيندس. راڻيءَ سوچيو ته هي ويچارو پکي آهي، ان ۾ پاپ جي ڪا ڳالهه نه آهي. راڻيءَ طوطي کي پنهنجي ڇاتيءَ تي ليٽڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. طوطو راڻيءَ جي ڪانچوڙي تي ليٽيو ۽ سفيد رنگ مان اُن جو رنگ سائو ٿي ويو، رڳو سندس چهنب سفيد رنگ جي رهجي ويئي. پنهنجي سفيد رنگ چهنب طوطي کي سٺي نه لڳي، هو جسمان راڻيءَ کي چوڻ لڳو، راڻي تنهنجي چپن تي جيڪا لالي لڳل آهي، ٿوڙي مون کي ڏيئي ڇڏ ته منهنجي چهنب لال رنگ جي ٿي ويندي، تڏهن راجا کي آئون تنهنجي شاهدي ڏيندس. راڻيءَ وري ان کي پکي سمجهي پنهنجي چپن تان ٿوڙي لالي کڻڻ جي اجازت ڏني. طوطي پنهنجي چهنب راڻي جي چپن تي رکي، پنهنجي چهنب کي ڳاڙهو ڪيو. پنهنجي سفيد رنگ جي چهنب کي ڳاڙهي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ راڻيءَ کي چيائين ته هاڻي تو وڃين سگهين ٿي، آئون راجا کي هتي تنهنجي اچڻ ۽ اڌ ڪلاڪ ويهڻ جي شاهدي ڏيندس.
جسمان راڻي، ويندي ويندي پنهنجي آڱر مان مُنڊي لاهي طوطي جي ڳلي ۾ وجهي ان کي چيو ته هي منڊي نشانيءَ طور ڏيکاري راجا کي چئجان ته آئون هتي آئي هئس. محل ۾ موجود طوطي جي مينا سڄو لقاءُ ڏسي رهي هئي. جڏهن راجا محل ۾ آيو تڏهن مينا رڙيون ڪري کيس چيو ته راجا! تو جسمان راڻيءَ لاءِ لکين رپيا خرچ ڪيا، هيترا ڏک ڏٺا، هن طوطي جي ڪري سمورا ضايع ٿي ويا. راجا پڇيو ڪيئن؟ مينا ٻڌايو ته راڻي هن پلنگ تي ويٺي هئي، طوطي راڻيءَ سان محبت ڪئي، هن جا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا ۽ راڻي جي ڪانچوڙي جو سائو رنگ ۽ چپن جي لاليءَ جو ڳاڙهو رنگ کسي ورتو آهي. راجا کي طوطي تي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي، پليئي کي طوطي جي سسي لاهي مارڻ جو حڪم ڏنائين. پليو برهمڻ هو، تنهنڪري ڇري نه هلائي سگهندو هو، ان هڪ انڌي کي حڪم ڏنو ته طوطي جو ڪنڌ وڍي ڇڏي. انڌو طوطي جي سسي وڍي رهيو هو، پر ڇري طوطي جي ڪنڌ ۾ پيل منڊي تي وهي رهي هئي. انڌي سمجهيو ته طوطي جي سسي وڍجي وئي آهي، تنهنڪري طوطي کي اڇلائي ڇڏيائين، طوطو اڇلائڻ سان ڦڙڪي کائي اڏامي ويو ۽ وڃي باغ ۾ ويٺو. راجا کي چوڻ لڳو مون کي ڌڻي سائينءَ بچائي ورتو آهي، منهنجي گلي ۾ جيڪا مُنڊي پيل آهي اها جسمان راڻيءَ تو لاءِ ڏني آهي. تو مون کي مارايو ٿي، پر آئون بچي ويو آهيان، هاڻي تون هن مينا کي مارائي ڇڏ ته آئون تو کي جسمان راڻيءَ جيڪو تو لاءِ سنيهو ڏنو آهي سو ٻڌايان. راجا پنهنجي هٿن سان مينا کي ماري اڇلائي ڇڏيو. طوطي راجا کي چيو ته جسمان راڻي هتي آئي هئي، ان توهان کي سلام ڏنا آهن ۽ نشانيءَ طور هي منڊي پڻ ڏني آهي، هتي هن پلنگ تي ويٺي هئي. هو پوري وقت تي آئي هئي ۽ اڌ ڪلاڪ هتي ويٺي رهي، توهين نه آيا تنهنڪري هوءَ واپس هلي ويئي. راجا همت نه هاري ۽ پليئي سان گڏ جسمان سان ملڻ لاءِ نڪري ويو.
هوڏانهن جسمان راڻي سڀني بيلدارن کي سُرنگهه جي رستي نڪري وڃڻ جو چيو. پاڻ ماڻڪيي گڏهه کي پنهنجي کٽ تي سمهاري، سَوڙ وجهي لالٽين ٻرندي ڀرسان رکي، سرنگهه ذريعي نڪري ويئي. راجا ۽ پليو برهمڻ آيا، ڏٺائون ته ڪوئي به ناهي. پليئي راجا کي چيو لڳي ٿو سڀئي هليا ويا آهن، پر جسمان هتي سُتي پئي آهي، آئون ان جـي سَوڙ کـي سڃاڻان ٿو، آئون جسمان راڻيءَ جو ڌرم جو ڀاءُ آهيان، تنهنڪري آئون ان کي ننڊ مان جاڳايان ٿو. پليو برهمڻ جسمان جي کٽ وٽ ويو ۽ پيراندي وٽان بيهي چوڻ لڳو، راڻيءَ اٿي راجا بيٺو آهي. تنهن تي ماڻڪيي گڏهه پنهنجي پيرن کي گڏ ڪري پوري زور سان پليئي کي لت هنئي. لت لڳندي پليئي جا اڳيان سمورا ڏند ڀڄي پيا ۽ رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. تنهن تي راجا تمام گهڻو ڏمريو، پليئي کي چوڻ لڳو طوطي جسمان کان سائو رنگ کنيو ۽ تون لال ٿي وئين ۽ آئون بنا رنگ جي رهجي ويس.
هوڏانهن جسمان راڻي، راجا رتن پال ۽ سڀئي بيلدار سُرنگهه کي پار ڪري سمي بادشاهه لاکي جي نگريءَ ۾ پهتا. لاکي جي ڀاءُ جو نالو تماچي هو، جيڪو اڃان ڪنوارو هو. جنهن ڏينهن اهو پورو اٽـالـو اتي پهتو هو، ان ڏينهن سانوڻ جي ٽيج هئي. ان ڏينهن هندو عورتون هار سينگار ڪري لوڏ ۾ لڏنديون آهن. تماچي به عورتن کي لوڏي رهيو هو، جڏهن جسمان راڻيءَ جو وارو آيو، تڏهن تماچي ان کي به لوڏاڻ لڳو، ان مهل جسمان جي منهن تان ٿورو پلو سُرڪيو ته کنوڻ کجڻ جهڙو اهاءُ ٿيو. تماچي سوچ ۾ پئجي ويو ته اهي نور جا تجلا ڪٿان اچي رهيا آهن. تماچي غور سان ڏٺو ته کيس خبر پئي ته جسمان راڻيءَ جي منهن تان پلو کسڪي ويو هو. راڻيءَ جي سندرتا ڏسي تماچي مٿس موهت ٿي پيو ۽ پريشان رهڻ لڳو. تماچيءَ جي ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ سڀئي سوچ ۾ پئجي ويا ته هن کي ڇا ٿيو آهي، جو پريشان رهي ٿو. سڀني ان جو ڪارڻ پڇيو ته تماچي پوري ڳالهه ٻڌائي ۽ چيائين ته آئون ان سان ئي شادي ڪندس، نه ته مري ويندس. گهر وارا چوڻ لڳا ته اسين سما آهيون، خانداني ماڻهو آهيون، جسمان ته اوڏڻ آهي، اسين ان کان به سندر شهزاديءَ سان تنهنجي شادي ڪرائينداسون. پر تماچي ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. پليو برهمڻ ۽ جيت نگر جو راجا سرنگهه رستي اتي پهچي ويا ۽ راجا رتن پال سان لڙائي ڪرڻ لڳا ۽ مٿس الزام هنيائون ته تون اسان سان دوکو ڪري آيو آهين، اسان جا پئسا کڻي ويو آهين، واپس هل نه ته تنهنجي عورت کسي وٺنداسين. ايترو ٻڌي رتنپال کي ڪاوڙ اچي وئي، هن تلوار ڪڍي راجا کي چيو هي تلوار ڏسي رهيو آهين، تو منهنجي عورت جو نالو به کنيو ته آئون تو کي هن دنيا مان روانو ڪري ڇڏيندس. ٻئي پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا ۽ وڙهندي وڙهندي ٻئي اتي ڍير ٿي ويا. ويچارا بيلدار سڪتي ۾ اچي ويا. هنن کي پليئي برهمڻ تي تمام گهڻو غصو آيو، جهيڙي جي پاڙ پليو برهمڻ هو، بيلدارن پليئي کي اتي ئي ختم ڪري ڇڏيو. جسمان راڻي، راجا رتنپال جي مرڻ تي زارو زار روئڻ لڳي. راڻيءَ ڪارڻ ئي راجا رتنپال پنهنجو راڳ ڀاڳ ڇڏي بيلدار بڻيو هو ۽ هن کي ڪيتريون ئي مصيبتون منهن ۾ آيون هيون. اهو سوچي راڻي بيحال ٿي وئي. اتي زمين تي ويهي پار ڪڍڻ لڳي. اتفاق سان اتان شِوَ ۽ پاروتي گذري رهيا هئا. پاروتي جسمان کي پار ڪڍندي ڏٺو ته دکي ٿي وئي ۽ شِوَ کي چوڻ لڳي اي مهاديو! هي به اسان جهڙي جوڙي هئي، جسمان راڻي بنا رتنپال ڪيئن جئيندي؟ هن جو مڙس جيئرو ڪري ڏي. شِوَ پاروتيءَ کي چيو هن دنيا ۾ رتنپال جهڙا ڪيترائي راجا ٿيا آهن، جيڪي هتان هليا ويا، اهو دنيا جو دستور آهي، جنم ۽ مرڻ ته لڳو رهندو آهي، توهان ان ڳالهه کي وساري ڇڏيو، توهان ٻين جي ڏکن کان متاثر ٿيو ٿا، تنهنڪري آئون توهان کي پاڻ سان گڏ نه رکندو آهيان. پاروتي، شِوَ کان ناراض ٿي ماکيءَ جي مک بڻجي باغ ۾ هلي وئي. شِوَ، پاروتيءَ کي نه ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ ڳوليندي ڳوليندي کيس پگهر اچي ويو. شِوَ جي اها حالت ڏسي پاروتي هن اڳيان حاضر ٿي. شِوَ پاروتيءَ تي غصو ڪندي چوڻ لڳو ”تون ڪيڏانهن هلي وئي هئينءَ؟ آئون پريشان ٿي ويو هئس.“ شِوَ جي اها ڳالهه ٻڌي پاروتيءَ چيو ته آئون ٿورڙي دير توهان جي اکين کان الوپ ٿيس ته توهان پريشان ٿي ويا، ويچاري جسمان راڻيءَ جو مڙس هميشه لاءِ کائنس ڏور هليو ويو آهي ته ان جي ڇا حالت هوندي؟ ان جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. پاروتي جي اها ڳالهه ٻڌي شو کي به رحم اچي ويو. ٻئي جسمان وٽ ويا ۽ روايت آهي ته رتنپال کي جيئرو ڪيائون. شِوَ ۽ پاروتيءَ جي ديا سان جسمان ۽ رتنپال جي جوڙي سلامت رهي. ٻئي موٽي پنهنجي ملڪ ويا ۽ حڪمراني ڪرڻ لڳا. (حوالو: ’ٿا جا لوڪ داستان‘، نور احمد جنجهي)


هن صفحي کي شيئر ڪريو